پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين وارو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگي پيٽرول کان تنگ گاڏي جي مالڪن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي آهي. چين جي مشهور ڪارون تيار ڪندڙ ڪمپني پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو پلانٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪمپني جي اسسٽنٽ چيئرمين جي يو زونگ جي سربراهي ۾ وفد ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر سان ملاقات جي موقعي تي اهڙو اعلان ڪيو آهي.جي يو زونگ چيو ته هو پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ مينو فيڪچرنگ يونٽ ۽ شورومز قائم ڪرڻ ڪمپني جي مفاد ۾ آهي اهو ڊگهي مدي واري ڪاروباري منصوبي جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرڪ ڪارن جي استعمال سان پيٽرول جي لاڳت ۾ تمام گهڻي بچت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو