پاڪستان ۽ گلف ڪارپوريشن وچ ۾ معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ گلف ڪارپوريشن ڪائونسل وچ ۾ آزاد واپار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.نگران واپار واري وفاقي وزير گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته نار ملڪن 2009 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن به ملڪ سان آزاد واپار جو معاهدو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته معاهدي سان نار ملڪن سان واپار جو حجم ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندو. گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته ان معاهدي تحت لکين پاڪستانين کي خليجي ملڪن ۾ روزگار ملندو. هن وڌيڪ چيو ته 70 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ راهه هموار ڪئي وئي آهي، اها شروعات آهي، اهڙا ڪيترائي معاهدا ٿيڻا آهن. نگران واپار واري وفاقي وزير گوهر اعجاز جو به چوڻ آهي ته پهريون هدف 2 سالن ۾ پاڪستان جي برآمدات کي 80 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو