اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ چين وچ ۾ انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ تحت واپار شروع ٿيو.چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري ٻه طرفي واپار تحت ڪم شروع ٿي وئي ۽ گڏيل قومن جي بين الاقوامي روڊ ٽرانسپورٽ ڪنوينشن تحت سامان جي پهرين سرحد پار ترسيل نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن (NLC) جي چين جي معروف ڪمپني سيوا لاجسٽڪ سان ڀائيواري کانپوءِ شروع ٿي.چين مان ڪارگو ٽرڪن جو پهريون قافلو پاڪستان ڏانهن سفر شروع ڪيو ۽ اها پيش رفت چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي پيش آئي.بين الاقوامي روڊ ٽرانسپورٽ جي شروعات پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سرحد پار واپار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪندي ۽ منصوبي ذريعي وقت ۽ لاڳت گھٽائي ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندي.چيني حڪومت ڪاشغر، خنجراب ٽريڊنگ اينڊ سروس کي 2023 لاءِ قومي لاجسٽڪ سينٽر طور نامزد ڪيو آهي، ۽ ڪاشغر يوان فانگ انٽرنيشنل لاجسٽڪ پورٽ ڪمپني ۾ TIR سروس جي شروعات جي موقعي تي هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي.










