پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو وياج جي شرح نه وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف پاليسي سطح جي ڳالهين ۾ وياج جي شرح وڌيڪ نه وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو .پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وفد وچ ۾ اڄ ڳالهين جو آخري ڏينهن آهي ۽ ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن سان اقتصادي جائزي بابت ٿيندڙ ڳالهيون ڪاميابي جي ويجهو آهن.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن ۽ معاشي ٽيم سمورن شعبن ۾ ڳالهيون مڪمل ڪري چڪا آهن، نگران ناڻي واري وزير شمشا اختر آءِ ايم ايف مشن سان پاليسي سطح جون ڳالهيون مڪمل ڪيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ آءِ ايم ايف وفد ۽ ماشي ٽيم پاران ايم اي ايف پي ڊرافٽ تيار ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان بئنڪن جي منافعي تي 55 ارب رُپين تائين جو ونڊ فال ٽئڪس لڳائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، آءِ ايم ايف شرط تي بئنڪن جي منافعي تي 40 سيڪڙو تائين ونڊ فال ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، بئنڪن جي منافعي تي ونڊ فال ٽئڪس مالي سال 2021 ۽ 2022 لاءِ لڳايو ويندو، بئنڪن جي منافعي تي ونڊ فال ٽئڪس لڳائي ايندڙ مهيني اوڳاڙي ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، بئنڪن تي ونڊ فال ٽئڪس لڳائڻ لاءِ فنانس بل ۾ ترميم جي ضرورت نه آهي پر وفاقي ڪابينا جي منظوري ضروري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾ وياج جي شرح وڌيڪ نه وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف مشن پنهنجي سفارشون آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ ڏانهن اماڻيندو ۽ آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بروڊ وٽان منظوري بعد پاڪستان کي 71 ڪروڙ ڊالرز جي قسط ڊسمبر ۾ ملڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو