لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ اسڪواڊ لاهور کان آسٽريليا روانو ٿي ويو.ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي اسڪواڊ لاهور کان آسٽريليا لاءِ روانو ٿي ويو، جيڪو دبئي ذريعي سڊني روانو ٿيندو. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي، قومي ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪندو، جنهن کي پهريون ڀيرو ڪپتاني سونپي وئي آهي.ان کان علاوه اسڪواڊ ۾ ٻين تجربيڪار رانديگرن ۾ سرفراز احمد، بابر اعظم، محمد رضوان، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ امام الحق شامل آهن.










