پاڪستان آءِ ايم ايف جي سمورين شرطن تي عمل ڪندو،حڪومت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر آءِ ايم ايف کي هڪ خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ سمورين شرطن تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي ته جيئن 70 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري ملي سگهي.هاڻ آءِ ايم ايف پنهنجي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جي تصديق ڪئي آهي ته هو پاڪستان جي درخواست تي پهريان جائزي جي تڪميل ڪندو ۽ اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تحت 70 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط 11 جنوري 2024 تي جاري ٿي سگهي. اهڙي مقصد جي لاءِ 11 جنوري 2024 تي واشنگٽن ڊي سي جي اجلاس ۾ منظوري ڏني ويندي.پاڪستاني اختيارين ڊالر جي لاءِ مارڪيٽ جي بنياد تي ناڻي جي مٽاسٽا طئي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ارادن جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو آهي ته حڪومت مالياتي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ پروگرام جو مقصد حاصل ڪرڻو پوندو.هڪ سرڪاري ذريعي تصديق ڪئي آهي ته پاڪستاني اختيارين جو اهو صحيح ٿيل خط آءِ ايم ايف جي بورڊ آف ڊائريڪٽر سان شيئر ڪيو ويندو جنهن ۾ پاڪستان طرفان 70 ڪروڙ ڊالر جي درخواست تي غور ڪيو ويندو.آمريڪا ۾ ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي موڪلون هونديون آهن ان لاءِ آءِ ايم ايف بورڊ موڪلن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جو شيڊول جاري ڪيو آهي. 11 جنوري تي پاڪستان جي درخواست تي غور جي لاءِ بورڊ جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ قرض ڏيڻ بابت غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو