پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندا

پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندو.ذريعن موجب ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر دبئي کان لاهور ۽ ڪراچي ۾ گڏ ٿيندا جتان سڀ جوهانسبرگ لاءِ روانا ٿيندا.شان مسعود، سعود شڪيل، خرم شهزاد، مير حمزا، محمد عباس، عامر جمال، حسيب الله ۽ نعمان علي ڏکڻ آفريڪا لاءِ روانا ٿيندا.ريڊ بال فارميٽ ۾ ٽيم جو هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي به سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا پهچندو جتي ٽيم جي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان سينچورين ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.واضح رهي ته بابر اعظم، محمد رضوان، سلمان آغا ۽ وسيم ايوب ٽنهي فارميٽ ۾ هجڻ سبب ڏکڻ آفريڪا ۾ موجود آهن، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ نسيم شاهه، ڪامران غلام ۽ عبدالله شفيق شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو