پاڪستان هن سال 3 ارب ڊالرن جو چانور برآمد ڪندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني چانورن کي ميڪسيڪو ۽ روس جي ويزا ملي وئي آهي، رائس ايڪسپورٽرز ايسوسي ايشن هلندڙ سال 5 لک ٽن چانور ايڪسپورٽ ڪري 3 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪندي. رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيلا رام ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميڪسيڪو ۽ روسي ٽيمن پاڪستان مان چانور خريد ڪرڻ لاءِ ملڪ جي رائس پروسيسنگ پلانٽس جو معائنو ڪرڻ بعد پاڪستاني چانورن لاءِ پنهنجون مارڪيٽون کوليون آهن. پاڪستاني چانورن کي ميڪسيڪو ۽ روس جي ويزا ملي وئي آهي، رائس ايڪسپورٽرز ايسوسي ايشن هلندڙ سال 5 لک ٽن چانور ايڪسپورٽ ڪري 3 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪندي.رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيلا رام ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميڪسيڪو ۽ روسي ٽيمن پاڪستان مان چانور خريد ڪرڻ لاءِ ملڪ جي رائس پروسيسنگ پلانٽس جو معائنو ڪرڻ بعد پاڪستاني چانورن لاءِ پنهنجون مارڪيٽون کوليون آهن.چيلارام چيو ته انڊونيشيا به پاڪستان کان 90 هزار ٽن چانور خريد ڪري چڪو آهي، فلپائن ۾ پاڪستاني چانورن جي طلب آهي.هن مافيا خلاف آپريشن کي صحيح قرار ڏيندي چيو ته هو آرمي چيف جي معاشي قدمن جي حمايت ڪن ٿا، ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي سان ڊالر، کنڊ ۽ ذخيره اندوزن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.چيلا رام چانورن جو عالمي منظرنامو پيش ڪندي چيو ته ڀارت ۾ چانورن جي برآمد تي پابندي سبب پاڪستاني چانورن جي طلب وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو