خانپورمهر (ن س) صوبائي صلاحڪار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته هو انڊر 19 ٽيم ۾ سليڪشن تي دادو جي رانديگر عامر ٿهيم ۽ پوري سنڌ کي مبارڪ ڏئي ٿو. ان سان سنڌ جي رانديگرن لاء بند ٿيل دروازا کلندا ۽ سنڌي رانديگر پنهنجو ٽيلينٽ ڏيکاري قومي ٽيم ۾ به شامل ٿيندا. هن ٻڌايو ته سنڌ جي رانديگرن جو ڪيس موثر نموني پي سي بي آڏو رکيو آھي ۽ پي سي بي چيئرمين احسان ماني کيس يقين ڏياريو آهي ته ماضي جي نا انصافين جو هو ازالو ڪندو ۽ ٽيلنٽيڊ رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.
![](https://dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2019/06/Amir-Thaeem.jpg)
ٻئي پاسي سنڌي ڪرڪيٽر عامر ٿهيم جو چوڻ ھو ته هو قومي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٿيندڙ سيريز جو حصو ٿيڻ تي بي انتها خوش آھي.