پاڪستان جي انڊر 19 ۾ دادو جو ٿهيم منتخب

خانپورمهر (ن س) صوبائي صلاحڪار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته هو انڊر 19 ٽيم ۾ سليڪشن تي دادو جي رانديگر عامر ٿهيم ۽ پوري سنڌ کي مبارڪ ڏئي ٿو. ان سان  سنڌ جي رانديگرن لاء بند ٿيل دروازا کلندا ۽ سنڌي رانديگر پنهنجو ٽيلينٽ ڏيکاري قومي ٽيم ۾ به شامل ٿيندا. هن ٻڌايو ته سنڌ جي رانديگرن جو ڪيس موثر نموني پي سي بي آڏو رکيو آھي ۽ پي سي بي چيئرمين احسان ماني کيس يقين ڏياريو آهي ته ماضي جي نا انصافين جو هو ازالو ڪندو ۽ ٽيلنٽيڊ رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي  سنڌي ڪرڪيٽر عامر ٿهيم جو چوڻ ھو ته هو قومي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٿيندڙ سيريز جو حصو ٿيڻ تي بي انتها خوش آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو