ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان رهيو.ڪاروباري هفتي دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1671 پوائنٽس جي واڌ سان 57 هزار 63 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 2106 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي بلند ترين سطح 100 انڊيڪس 57 هزار 750 جڏهن ته هيٺين سطح 55 هزار 644 هئي.مارڪيٽ ۾ هڪ هفتي دوران 3 ارب 80 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.شيئر مارڪيٽ ۾ هفتيوار ٽران اوور 118 ارب رپين کان وڌيڪ رهيو.هڪ هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري ۾ 328 ارب رپين جو اضافو ٿيو.ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ مارڪيٽ سرمائيداري 8281 ارب رپيا آهي.
