پاڪستاني گلوڪاره کي نوازشريف تي تنقيد ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور گلوڪاره عيني خالد هونئن ته سوشل ميڊيا تي تمام گهٽ نظر ايندي آهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مداحن کي ٽوئٽ ۽ پوسٽ ذريعي رابطي ۾ رهندي آهي. تازو ادڪاره طرفان ڪيل هڪ ٽوئٽ کان پوءِ ان کي شوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عيني خالد پنهنجي ٽوئٽ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪو هن وقت برطانيا ۾ علاج واسطي موجود آهي. عيني خالد پنهنجي ٽوئٽ ۾ نوازشريف جي هڪ تصوير شيئر ڪري ۽ لکيو ته جڏهن توهان ٻاهرين ملڪ موتمار مرض لاءِ وڃو پر شاپنگ توهان جي زندگي هجي. اهڙي ٽوئيٽ جي فورن بعد صارفين عيني خالد کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي واضح ڪيو ته جيڪا تصوير ان شيئر ڪئي آهي اها تازي نه پر ڪيترائي سال پراڻي آهي جنهن وقت هو برطانيا ۾ موجود هيو. هن جوچوڻ هو ته جڏهن ته بغير تصديق جي هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪئي آهي ته توهان کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته اها پراڻي تصوير آهي ڪا ڳالهه پر جيڪڏهن توهان کي ڪير پسند ناهي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته توهان نفرت جي ايتري حد تائين وڃي ڪنهن جي پراڻي تصوير کڻي ان جي بيماري کي مذاق بڻايو. هڪ صارف لکيو ته مان نوازشريف جو مداح ته ناهيان پر اها تصوير پراڻي آهي هن لکيو ته دشمني ۾ غلط خبرون هلائڻ گناهه آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال 21 آڪٽومبر تي نيب جي تحويل ۾ چوڌري شگر ملز ڪيس جي تفتيش کي منهن ڏيندڙ نوازشريف جي صحت تشويشناڪ ٿي وئي هئي جنهن کي لاهور جي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ان جي رت جون رپورٽون تسلي بخش نه هجڻ ڪري ان جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال ۾ 6 رڪني ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ويو هو جنهن جي رپورٽن جي آڌار تي نوازشريف کي ٻاهرين ملڪ وڌيڪ علاج لاءِ موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو