اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان جي معيشت بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال چونڊون ڪرائڻ سان پاڪستان جي معيشت کي منظم ڪري سگهجي ٿو.اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024ع دوران چونڊون پاڪستان جي معيشت کي اعتماد ڏيارينديون، ان دوران مهانگائي ۽ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته توانائيءَ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي جو خطرو آهي. هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معيشت جي ترقي جي شرح 1.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته معاشي ترقي جي شرح ۾ پائيدار واڌ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد ضروري آهي. هن مالي سال ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 25 سيڪڙو تائين برقرار رهندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي انتظام، مارڪيٽ بيس ايڪسچينج ريٽ ۽ پاور سيڪٽر ۾ سڌارا ضروري آهن. پائيدار معاشي ترقي لاءِ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا پڻ ضروري آهن. اي ڊي بي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي گذريل مالي سال ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پيو. جنهن سبب مهانگائي ۽ واڌ جي شرح گهٽ رهي.رپورٽ ۾ اي ڊي بي جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت جي پائيدار ترقي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پارٽنرشپ جاري رهندي.










