عوام کي هن مالي سال ۾ به مهانگائي ۾ گهڻو رليف نه ملندو

عوام کي هن مالي سال ۾ به مهانگائي ۾ گهڻو رليف نه ملندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بجيٽ خسارو هلندڙ ۽ ايندڙ مالي سال ۾ وڏي سطح تي رهندو، جنهن سبب عوام کي هلندڙ مالي سال ۾ گهڻو رليف نه ملندو.ورلڊ بئنڪ موجب 2023ع ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو رهي جيڪا 2024ع ۾ 26.5 سيڪڙو ٿي ويندي ۽ اميد آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 2025ع ۾ 17 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته توانائي جي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ تڪڙي قدمن جي ضرورت آهي، ان لاءِ عالمي بئنڪ توانائي سڌارن جي حمايت جاري رکندو. ورلڊ بئنڪ موجب ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماڻهن ۾ اعتماد جو فقدان آهي، جڏهن ته زرعي شعبي جي ترقي 2.2 سيڪڙو، صنعت جي ترقي 1.4 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي جي ترقي 1.5 سيڪڙو رهي سگهي ٿي. ان کان علاوه هن مالي سال افراط زر 26.5 سيڪڙو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو، مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 7.7 سيڪڙو، قرض جي ڊي پي جو 72.4 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو. انرجي ميڪس پروجيڪٽ 5 کان 10 سالن ۾ توانائي جي قيمتن کي گهٽائي سگهن ٿا. ورلڊ بئنڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جون قيمتون بلند آهن ڇو ته ان جو انحصار درآمدي تيل تي آهي. انرجي ٽيرف گهٽ رکيو ويو، جنهن سبب ريوولنگ ڪريڊٽ جا مسئلا وڌي ويا. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ناگزير آهن تقسيم ۽ ٽرانسميشن جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو