پاڪستاني روپيو ملهه بهتر ٿيڻ ۾ سڀني ڪرنسين کان اڳتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سيپٽمبر جي مهيني ۾ پاڪستان جي ڪرنسي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، دنيا جي ڪرنسي کان وڌيڪ پرفارم ڪيو.اسٽيٽ بئنڪ پاران ڊالر جي غير قانوني واپار، اسمگلنگ، بيٽنگ، انتظامي قدمن ۽ سڌارن خلاف ڪريڪ ڊائون جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا.پاڪستاني ڪرنسي سيپٽمبر ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ رپئي عالمي ڪرنسي کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.عالمي اداري جي رپورٽ موجب هڪ مهيني دوران پاڪستاني ڪرنسي ڊالر جي مقابلي ۾ 6.2 سيڪڙو بهتري آئي آهي، سيپٽمبر ۾ پاڪستاني رپيو دنيا جي نمبر ون ڪرنسي هئي.ياد رهي ته حڪومتي قدمن سبب آمريڪي ڊالر گذريل 20 ڏينهن کان پوءِ پنهنجي بلند ترين قيمت کان 17 رپين کان وڌيڪ گهٽجي ويو آهي.ٻئي طرف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) هدف کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪرڻ ۾ ايف بي آر جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو