ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه هجڻ باوجود موبائيل فون هيڪ ڪرڻ، مانيٽرنگ ۽ پاس ورڊ پروٽيڪٽيڊ ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۽ جاسوسي جا اوزار خريد ڪيا آهن. اسرائيل جي اهم اخبار هارٽز ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب سيليبرائٽ ٽيڪ ڪمپني جا اهي گيجٽ هن ڪمپني جي هڪ سبسيڊري ڪمپني جيڪا سنگاپور ۾ رجسٽرڊ آهي تنهن ايف آءِ اي، پوليس ۽ انٽيليجنس ايجنسين کي اهي گيجٽ وڪرو ڪيا آهن. پاڪستاني پاسپورٽ جيڪو دنيا جي واحد ملڪ اسرائيل جي سفر تي پابندي هڻي ٿو پر ٻنهي ملڪن ۾ ڳجها رابطا ماضي ۾ جاري رهيا آهن، جنرل مشرف ۽ عمران خان جي دور ۾ سفارتي رابطن ۽ وفدن جي دورن جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن. 2005 ۾ خورشيد قصوري اسرائيل جي پرڏيهي وزير سلوان شيلوم سان ملاقات ڪئي هئي جنهن جي تصوير به وائرل ٿي هئي.
