پابندين باوجود هواوي موبائل فون ايپل کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني هواوي تي هلندڙ سال آمريڪي حڪومت پابندي لڳائي هئي ۽ گوگل به اعلان ڪيو هو ته ايندڙ وقت ۾ هواوي ان جي سهوليت کان محروم ٿي ويندي. توهان کي ٻڌائيندا هلون ته جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ گوگل هواوي تي لڳايل پابندين کي ڪجهه نرم ڪيو هو ۽ هواوي به گوگل جي ٽڪر جو پنهنجو آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو هو پر ابتدائي طور تي پابنديون لڳڻ ڪري هواوي کي ڪافي نقصان پيو ۽ سوچيو پيو وڃي ته چيني ڪمپني انتهائي گهڻي نقصان ۾ هلي ويندي. پر ان باوجود موبائل فون ڪمپنين جي وڪري تي نظر رکندڙ عالمي ڪمپني جي هڪ تازي رپورٽ مطابق پابندين باوجود هواوي دنيا جي معتبر ترين فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايپل کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هواوي سال 2019 جي ٽئين حصي ۾ به فونز جي خريداري ۾ ايپل کان اڳتي رهي ۽ هن سڄي دنيا ۾ 6 ڪروڙ 60 لک 20 هزار فون وڪرو ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو. فون ڪمپنين جي وڪري تي نظر رکندڙ اداري ڪنٽر پوائنٽ ريسرچ ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ هڪ دفعو ٻيهر موبائل فون وڪرو ٿيڻ ۾ پهرين نمبر تي رهي. سام سنگ 2019 جي ٽي ماهي ۾ سڄي دنيا ۾ 8 ڪروڙ 80 لک 20 هزار فون وڪرو ڪيا ان دوران آمريڪي ڪمپني ايپل 4 ڪروڙ 40 لک 60 هزار فون وڪرو ڪيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2019 جي 3 ماهي ۾ سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندڙ موبائل ۾ 21 فيصد سام سنگ، 18 فيصد هواوي ۽ 12 فيصد ايپل فون هيا ايپل کان پوءِ چوٿين نمبر تي اوپو، پنجين نمبر تي شياومي رهيا. ان سان گڏ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2019 جي 3 ماهي عرصي ۾ مجموعي طور تي 38 ڪروڙ موبائل وڪرو ٿيا جنهن مان 5 ڪروڙ فون اهڙا هيا جيڪي ڀارت ۾ تيار ڪيا ويا هئا. جڏهن ته رپورٽ اوپو، شياومي ۽ ريئل مي کي مٿي اڀرندڙ ڪمپنيون قرار ڏنو ويو آهي ۽ اندازو لڳايو پيو وڃي ته ايندڙ وقت ۾ مذڪوره ڪمپنيون وڏين ڪمپنين کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو