ٽيڪنالاجي ۾ آمريڪا ۽ چين به تائيوان جا محتاج بڻيل

تائيوان(ويب ڊيسڪ)تائيوان جي ناڻي واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل چئن مهينن کان لڳاتار چپ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس يعني آي آءِ سميت ايڪسپورٽ جي مکيه منڊي آمريڪا آهي. اڳ ۾ ٻن ڏهاڪن تائين سندس ٽاپ ايڪسپورٽ جي منڊي چين هوندو هو. چين هن ٻيٽ تي قائم علائقي کي پنهنجو حصو سمجهي ٿو. خود حڪمراني وارو تائيوان مائڪروچپ ٺاهڻ وارو پاور هائوس آهي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته سليڪون ويفرز سمجهو ويندڙ تائيوان خودڪار گاڏيون هجن يا سيٽلائيٽس، جنگي جهاز هجن يا اي آءِ ٽيڪنالاجي، سڀني هاءِ فاءِ شعبن جي اهم اوزارن جو سپلائر آهي. ڊسمبر ۾، تائيوان 8.49 بلين ڊالر جون شيون آمريڪا ڏانهن برآمد ڪيون، ان جي مقابلي ۾ 8.28 بلين ڊالر چين ڏانهن برآمد ڪيون. اهو رجحان مارچ تائين جاري رهيو، جڏهن يو ايس ايڪسپورٽ 65 سيڪڙو کان وڌي 9.11 بلين ڊالر ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو