اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري( آءِ ايم ايف) ٽيوب ويل صارفين لاءِ بجيٽ سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن سان ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهين ۾ توانائي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو اجلاس ٿيو جنهن دوران ٽيوب ويل سولرائزيشن اسڪيم کي هلندڙ مالي سال شروع ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي زرعي شعبي جي لاءِ سولرائزيشن جو نظام متعارف ڪرائڻ جو چيو آهي ۽ ٽيوب ويل صارفين لاءِ بجيٽ سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 90 ارب روپين ۾ 30 ارب وفاق، 30 ارب صوبا ۽ 30 ارب ٽيوب ويل صارفين ڏيندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته اسڪيم تي عمل ڪرڻ سان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيوب ويلز صارفين کي بجلي جي استعمال جي مد ۾ سبسڊي نه ڏيڻ جو به چيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪاسٽ ريڪورٽنگ ٽيرف بهتري لاءِ نيپرا ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس فيول پرائس ايڊجسٽمينٽس وقت تي نوٽيفڪيشن ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڊسڪوز، توانائي واري وزارت ۽ نيپرا وچ ۾ تعاون ۽ فيصلن تي جلد عمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.اجلاس ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان کان ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت ۾ اضافي جا تفصيل گهري ورتا جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جا تفصيل ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستاني اختيارين طرفان آءِ ايم ايف اختيارين کي ٻڌايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف شرطن جي تحت اسٽيٽ بينڪ مارڪيٽ، بيسڊ ايڪسچينج ريٽ تي مڪمل عمل ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جو موقف هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي سان مصنوعي طور تي روپئي جي قيمت ۾ اضافو نه ٿيو آهي. اسمگلنگ ۽ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي خلاف ڪارروائي سان ڊالر ريٽ ڪريو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته گذريل ٽن مهينن دوران ان فلو وڌيو جنهن سان ڊالر جو ريٽ گهٽ ٿيو. ان دوران حڪومت ڪيتريون ئي ادائيگيون به ڪيون آهن. ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ اسٽيٽ بينڪ اختيارين آءِ ايم ايف کي وڌيڪ تفصيل به ڏيندو.
