سينچورين: (ويب ڊيسڪ) سينچورين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي دلچسپ مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.سينچورين ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگ ۾ 211 جڏهن ته ڏکڻ آفريقا 311 رنسون ٺاهيون هيون.پاڪستاني ٽيم ٻئي اننگز ۾ 237 رنبسون ٺاهي سگهي، جنهن کان پوءِ ڏکڻ آفريقا کي ميچ کٽڻ لاءِ 148 رنسن جو حدف مليو جيڪو هن 8 وڪيٽن جي نقصان تي 39.3 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو. مارڪو جانسن 16 ۽ ڪاگيسوربادا 31 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.پاڪستان طرفان محمد عباس ميچ جي ٻئي اننگز ۾ شاندار بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته نسيم شاهه ۽ خرم شهزاد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي هئي.










