ٽن ڏهاڪن کانپوءِ نيلسن منڊيلا جي پارٽي جي برتري ختم

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ)بيروزگاري، عدم مساوات ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ تي ناراض ڏکڻ آفريڪي عوام هن هفتي جي اليڪشن ۾ آفريڪن نيشنل ڪانگريس (ANC) جي حمايت کي 40 سيڪڙو تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، عوام حڪمران پارٽي جي ٽن ڏهاڪن واري اقتداري دور جي برتري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن پارٽي گورن جي نسل پرستيءَ کان ملڪ کي آزاد ڪرايو هو. نيلسن منڊيلا جي ميراثي پارٽي لاءِ ڊرامائي طور تي ڪمزور مينڊيٽ، گذريل 2019 جي پارلياماني اليڪشن ۾ حاصل ڪيل 57.5 سيڪڙو کان ڪافي گهٽ آهي جنهن جو مطلب هن پارٽي کي مخالفن سان هاڻي اتحاد ڪرڻو پوندو. ANC جي چيئر ۽ موجوده معدنيات ۽ توانائي واري وزير ، گويڊ منتاشي چيو آهي ته اسين هر ڪنهن سان ڳالهائي سگهون ٿا. اربع تي ٿيل چونڊن جا ڇنڇر تائين پڌري ڪيل نتيجن موجب 99.53 سيڪڙو پولنگز جا نتيجا اچي چڪا آهن جن موجب حڪمران پارٽي کي 40 سيڪڙو ووٽ مليا آهن.اپوزيشن جي ڊيموڪريٽڪ الائنس کي 21.80 سيڪڙو ۽ اڳوڻي صدر جيڪب زوما جي پارٽي کي 14.60 سيڪڙو ووٽ مليا آهن. جڏهن ته کاٻي ڌر جي اڪنامڪ فريڊم فائيٽرز پارٽي کي 9.48 سيڪڙو ووٽ مليا آهن. ان پارٽي جي سربراهه چيو آهي ته اسين اي اين سي کي پنجاهه سيڪڙو کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ واري مشن ۾ ڪامياب ويا آهيون. 1994 واري چونڊ ۾ اي اين سي کي تمام وڏي اڪثريت ملي هئي گورن جي نسل پرستي واري حڪمراني جو خاتمو ٿيو هو ۽ ان وقت کان سدائين هي پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهيندي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو