ٽنڊوآدم، ڍڪ نه هجڻ سبب شاگردياڻي گٽر ۾ ڪري فوت

ٽنڊوآدم، ڍڪ نه هجڻ سبب شاگردياڻي گٽر ۾ ڪري فوت

ٽنڊوآدم:(ن س) ٽنڊوآدم ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب ڍڪ نه هجڻ سبب 6 ڪلاس جي شاگردياڻي گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ خدا بخش ڪالوني ۾ گٽر کي ڍڪ نه هجڻ سبب 12 سالن جي نينگري ۽ 6 ڪلاس جي شاگردياڻي طوبه ڌي طارق آرائين گٽر ۾ ڪري پئي اتي موجود ماڻھن ٻارڙي کي ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي نينگري جو مڙھ گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.وارثن موجب ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب شھر جي گٽرن تي ڍڪ ناهن ڪافي ڀيرا انتظاميا کي آگاھ ڪيو آھي پر ڍڪ نٿا لڳايا وڃن گٽر جي نالي تي ڍڪ نه هجڻ سبب اسان جي نينگري ڪري فوت ٿي وئي آهي ان کان اڳ به اهڙا واقعا ٿي چڪا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو