ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزيون،23,591 موٽرسائيڪلون ضبط

ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزيون،23,591 موٽرسائيڪلون ضبط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران 9 اپريل 2025 تي شروع ٿيل ٽريفڪ قانونن جي جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ھن وقت تائين 23,591 موٽرسائيڪلون ضبط ڪيون ويون آهن.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته غير قانوني فينسي نمبر پليٽن، ڪارا شيشن ۽ ٻين منع ٿيل ترميمن وارين 1,813 گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. 390 ڳرين ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ واريون گاڏيون پڻ ضبط ڪيون ويون، ۽ 359 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪئي وئي. هڪ بيان ۾، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ ٽرئفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف شروع ڪيل خاص مهم پوري طاقت ۽ تسلسل سان جاري آهي. روڊن تي ٽريفڪ جي رواني، شهرين جو تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني سنڌ سرڪار جي پھرين اوليتن ۾ شامل آھي. هن چيو ته ٽريفڪ جي بدانتظامي، هيلمٽ کان سواءِ موٽرسائيڪل هلائڻ، گهٽ عمر وارن ڊرائيورن ۽ ٻيون خطرناڪ شيون شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي رھيون آهن. جيڪي ماڻهو شهرين جي زندگين سان کيڏندا آهن انهن کي صحيح رستي تي آندو ويندو يا وري کين سختي سان منھن ڏنو ويندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار هن مهم کي عارضي نه پر مستقل اصلاحي تحريڪ بڻائڻ چاهي ٿي. عوام کي هن مهم جو حصو بڻجڻ گهرجي، قانون تي عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ ٻين کي ذميوار شهري بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو