گهوٽڪي(ن سنڌيار) سنڌ ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي مرڪزي اڳواڻن جي معطلي ۽ ملازمن کي اپ گريڊ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ضلعي اڳواڻن عبدالخالق مهر، قلندر بخش پتافي، نظير احمد شيخ، طالب حسين سيال ۽ عبدالقدير پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڪيل احتجاج دوران صحت جي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ويو ته ويڪسينيٽرز کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته مرڪزي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو، اڪبر ڪمبوهه ۽ ٻين جي معطلي ختم ڪري کين فوري بحال ڪيو وڃي. هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين اسانجو پرامن احتجاج جاري رهندو.










