ٻٽي شهريت رکندڙ ايف بي آر آفيسرن جا تفصيل طلب

ٻٽي شهريت رکندڙ ايف بي آر آفيسرن جا تفصيل طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٻٽي شهريت رکندڙ ايف بي آر آفيسرن جا تفصيل طلب ڪيا ويا ۽ هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو،ڊي جيز ۽ چيف ڪمشنرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻٽي شهريت وارن آفيسرن جي تفصيل فراهم ڪن، جن ۾ انهن جا خاندان به شامل آهن.ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ آفيسر جي سروس ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ سان گڏ سڀني آفيسرن جي تفصيل هڪ هفتي اندر جمع ڪرائي وڃي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻٽي شهريت پيدائش جي ڪري حاصل ڪئي وئي آهي يا بعد ۾ حاصل ڪئي وئي آهي، اهو پڻ ٻڌايو وڃي.ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ٻي شهريت بعد ۾ ملي هئي ته تاريخ به ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو