سکر (ن س )ٻٻرلي ۾ چوري دوران مزاحمت تي ھٿياربندن چئن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪري 5 مينھون ڪاھي فرار ٿي ويا، جڏهن ته بدامني خلاف ڳوٺاڻن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڳوٺ جنڊاڻ ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ انور، ڪاشف، فياض ۽ ٻانھو جنڊاڻ زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي خلاف ڳوٺاڻن قومي شاھراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو ويو، پر پوليس ڪي به قدم نه کنيا، جنهن ڪري چور آساني سان مينھون ڪاهي فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته چوري واپس ڪرائي ايس ايڇ او کي بدلي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.










