ٻه اڳواڻ پي ڊي ايم مٿان فيصلا نٿا مڙهي سگهن، بخاري

ٻه اڳواڻ پي ڊي ايم مٿان فيصلا نٿا مڙهي سگهن، بخاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته ٻه اڳواڻ سموري پي ڊي ايم مٿان پنهنجا فيصلا مڙهي نٿا سگهن.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي نيئر بخاري چيو ته اسان اهڙيون ڳجهيون ملاقاتون ناهيون ڪندا جنهن تي آءِ ايس پي آر کي بيان جاري ڪرڻو پوي.ٻئي طرف نوازشريف ۽ مريم نواز جي ترجمان محمد زبير چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت جي بي ٽيم بنجڻ به چاهيو ته عمران خان ائين ٿيڻ نه ڏيندو.واضح رهي ته پي ڊي ايم جي پارٽين ۾ استعيفائن جي معاملي تي اختلاف کان پوءِ 26 مارچ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ملتوي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو