اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هينئر تائين 2 لک کان وڌيڪ غيرقانوني افغان پناهگير پنهنجي ملڪ طرف واپس وڃي چڪا آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 31 آڪٽوبر تي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان پوءِ غيرقانوني افغان پناهگيرن جي ملڪ واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ هينئر تائين 2 لک 28 هزار 574 غيرقانوني افغان پناهگير پنهنجي شهرن طرف واپس وڃي چڪا آهن.ترجمان چيو ته پاڪستان جي حڪومت غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهين جي محفوظ واپسي جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. افغان شهرين جي باعزت طريقي سان افغانستان واپسي جي لاءِ ٻين قدمن کان علاوه انهن جي عارضي رهائش جي لاءِ مختلف ضلعن ۾ سمورين سهوليتن سان ٽرانزٽ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. طورخم ۽ چمن بارڊر تان روزاني جي بنياد تي هزارين افغان شهري پنهنجي ملڪ طرف واپس وڃي رهيا آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 11 نومبر تي رياض ۾ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خطاب ۾ غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. نگران وزيراعظم غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ به ڀارت جا ظلم جاري آهن.ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل طرفان غزه ۾ اسپتالن مٿان حملن جي مذمت ڪري ٿو. عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته غزه ۾ اسپتالن تي اسرائيلي حملن جو نوٽيس وٺي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏئي.
