بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)شھر جي شاھنواز چوڪ تي چور ٻن دڪانن کي کاٽ ھڻي دڪانن مان روڪ رقم ۽. ھزارين روپين جا موبائيل فون کڻي ويا موبائيلن جي واپاري عبدالرحمان عمراڻي سٽي پوليس کي ٻڌايو ته چورن سندس دڪان جي ڇت کي کاٽ ھڻي ٻه ٽچ موبائل 28 ميموري ڪارڊ 25 يو ايس بيز کڻي ويا جڏھن ته يعقوب عمراڻي جي دڪان جي ڇت ۾ کاٽ ھڻي چور 28 ھزار روڪ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا ھنن ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته سندن چوريون موٽائي ڏنيون وڃن ٻي صورت م ھو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا بدين.سٽي انچارج سالم کوسو چوري جي اطلاع تي جاء واردات جو معائنو ڪرڻ کان پوء چوڪيدار کي جانچ ۾ شامل ڪري وڌيڪ تحقيقات ڪري رھيو آھي .










