اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) حڪومت جي ٻن اتحادي پارٽين وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو .ذريعن موجب بي اين پي مينگل ۽ جي يو آءِ جي بلوچستان سان واسطو رکندڙ وزيرن ڪابينا اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان سان واسطو رکندڙ وزيرن ريڪوڊڪ واري معاملي تي ڪابينا اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.ذريعن موجب بي اين پي مينگل ۽ جي يو آءِ جي وزيرن ڪابينا اجلاس ۾ شريڪ ٿيا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ٻنهي پارٽين جا وزير احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ اجلاس ۾ اُٿي هليا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اين پي مينگل ۽ جي يو آءِ معاهدي کي ارڙهين ترميم جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي، بائيڪاٽ ڪندڙ وزيرن ۾ آغا حسن بلوچ، حاجي هاشم ۽ مولانا عبدالواسع شامل آهن.










