ٻلي چوري جي شڪ ڀارتي شهري پاڙيسري جا 30 ڪبوتر ماري ڇڏيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ هڪ شخص پنهنجي پاڙيسري جي 30 ڪبوترن کي پنهنجي ٻلي چوري ٿيڻ جي شڪ ۾ ماري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته رياست اترپرديش سان تعلق رکندڙ عابد نالي هڪ شخص پنهنجي پاڙيسري وارث علي جي ڪبوترن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو، جنهن سبب ڪبوتر فوت ٿي ويو.يوپي پوليس موجب عابد نالي شخص جي گم ٿيل ٻلي بعد ۾ پاڻ ئي گهر موٽي آئي.پوليس موجب وارث علي وٽ لڳ ڀڳ 78 ڪبوتر هئا، جن مان 30 فوت ٿي ويا، جڏهن ته باقي ڪبوترن جي حالت مستحڪم ناهي.پوليس موجب عابد سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوت ٿيل ڪبوتر کي پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو