يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ 8 رپيا في ڪلو مهانگي ملڻ لڳي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سبسڊي واري سستي کنڊ جي قيمت ۾ 8 رپيا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب غير سبسڊي واري کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ به 8 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.يوٽيلٽي اسٽورن جي اگهن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ڪئي ويندي، يوٽيلٽي اسٽورز تي عام صارفين لاءِ في سڪي 155 رپيا في سڪي جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.بي آءِ ايس پي جي گراهڪن لاءِ کنڊ جو في ڪلو اگهه 109 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ عام صارفين لاءِ کنڊ جو اگهه 147 رپيا في ڪلو هو، جڏهن ته سبسڊي تحت کنڊ جي پراڻي قيمت 101 رپيا في ڪلو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو