اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وڪيلن جي ممڪن احتجاج کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جڙيل شهرن ۾ ميٽرو بس سروس به محدود ڪئي وئي آهي.وڪيلن جي ممڪن احتجاج کي نظر ۾ رکندي، سپريم ڪورٽ جي احاطي اندر وڏي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سپريم ڪورٽ تائين رسائي لاءِ صرف مارگلا روڊ کي کليل رکيو ويو آهي.ريڊ زون جي داخلا بند ٿيڻ سبب ڪشمير چوڪ تي سخت ٽريفڪ جام آهي. سرينا چوڪ، نادرا، ميريٽ، ايڪسپريس چوڪ ۽ ٽي ڪراس باري امام پڻ بند آهن، جڏهن ته جناح انڊر پاس کي به ڪنٽينرن سان بند ڪيو ويو آهي.ممڪن احتجاج کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي-اسلام آباد ميٽرو بس سروس جي آپريشن کي به محدود ڪيو ويو آهي. فيض احمد فيض اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس بند آهي.ميٽرو انتظاميا جو چوڻ آهي ته راولپنڊي صدر اسٽيشن کان فيض احمد فيض اسٽيشن تائين بس سروس بحال ڪئي وئي آهي، اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس سيڪيورٽي سببن جي ڪري بند ڪئي وئي آهي.










