4
دبئي (ويب ڊيسڪ)چيمپيئنز ٽرافي جي بلاڪ بسٽر ميچ ۾ 242 رنز جو ٽارگيٽ ڀارت 4 وڪيٽن جي نقصان تي 42.3 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. 36 سالن جي ويرات ڪوهلي وننگ اسٽروڪ کيڏي چوڪو هڻي پنهنجي سينچري به مڪمل ڪئي. اها هن جي 51 هين ون ڊي سينچري هئي. هو اڳ ۾ ٽنڊولڪر جي 49 سينچريز جو رڪارڊ ٽوڙي چڪو هو. ڀارت جو هي سڀ کان وڌيڪ او ڊي آءِ سينچريون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي. چيمپئنز ٽرافي جي دفاعي چيمپئن پاڪستان جي هڪ پاسي مسلسل ٻئي شڪست سبب تورنامنٽ کان ٻهر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي ۽ ڀارتلڳاتار ٻئي ميچ کٽي سيمي فائنل لاءِ راهه هموار ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ ڪپتان روهت شرما شاهين آفريدي جي يارڪر تي بولڊ ٿيو، هن هڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪا هنيا ۽ 15 بالن تي 20 رنز ٺاهي ائوٽ ٿيو، ٻيو اوپنر شڀنم گِل 7 چوڪن جي مدد سان 52 بالن تي 46 رنز ٺاهي ابرار جي شاندار بال تي بولڊ ٿيو. ويرات ڪوهلي جو ساٿ ڏيڻ لاءِ شيرياس آئر آيو جنهن پڻ هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 63 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. هو بعد ۾ خوشدل شاهه جي بال تي امام الحق هٿان ڪيچ ٿيو، هن 67 بالن تي 56 رنز اسڪور ڪيون. ان کان اڳ پاڪستان وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو 49.4 اوورن ۾ 241 رنز تي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي. خوشدل شاهه ڪافي سنگل رنز ضايع ڪيون ۽ هن ٻن ڇڪن جي مدد سان 39 بالن تي 38 رنز ٺاهيون ۽ هرشت رانا جي بال تي ڪوهلي هٿان ڪيچ ٿيو. ان کان اڳ پاڪستان ٽاس کٽي ڀارت خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، سلو پچ واري دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ هن ميچ جي نائين اوور ۾ انڊيا کي هاردڪ پانڊي بابر اعظم کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرائي 41 جي مجموعي اسڪور تي پهرين ڪاميابي ڏياري. بابر مڪمل ڪمانڊ سان پنج چوڪا هنيا ۽ 26 بالن تي 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ حسب توقع وڏي اننگ نه کيڏي سگهيو. البته هن چيمپئنز ٽرافي ۾ هڪ هزار رنز مڪمل ڪرڻ وارو ٽيون پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو، هن تيز ترين هڪ هزار رنز جو رڪارڊ به ٺاهيو، هن 24 اننگز ۾ اهو ڪيو، جيڪو سعيد انور 25 ۽ جاويد ميانداد 30 اننگز ۾ ڪيو هو. ڏهين اوور ۾ امام الحق غير ضرور رن وٺندي اڪسر پٽيل جي ڊائريڪٽ ٿرو تي 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن 26 بال کيڏيا پر هڪ به شاٽ نه هڻي سگهيو. جنهن بعد سعود شڪيل ۽ ڪپتان رضوان اسڪور اڳٽي وڌايو، 31 اوور مڪمل ٿيڻ تي سعود شڪيل 63 بان تي 4 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي. 33 اوورن جي مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان 150 رنز مڪمل ڪيون ۽ هاردڪ پنڊي جي بال تي رضوان جو ڪيچ هرشت رانا ڊراپ ڪيو پر اڳئين اوور ۾ اڪسر پٽيل رضوان کي بولڊ ڪيو. . هن 3 چوڪن جي مدد سان 77 بالن تي 46 رنز ٺاهيون. ان بعد آغا سلمان آيو. سندس ساڳئي اوور ۾ سعود شڪيل جو ڪيچ به ڪلديپ ڊراپ ڪيو. اڳئين اوور ۾ سعود شڪيل هاردڪ پانڊي کي چوڪو هنيو پر هن ساڳئي اوور ۾ اڪثر پٽيل هٿان بائونڊري تي ڪيچ ڪرايو، پاڪستان 159 تي 4 آئوٽ هئا. جنهن بعد طيب طاهر آيو & 4 رنز ٺاهي رويندرا جديجا جي بال تي بولڊ ٿيو. ان بعد خوشدل شاهه آيو جنهن شروعات ته سنگل سان ڪئي پر 42 هين اوور ۾ پاڪستان جي اننگ جو پهريون ڇڪو هنيو ۽ 43 هين اوور ۾ پاڪستان جون 200 رنسون مڪمل ٿيون پر ساڳئي اوور ۾ ڪلديپ سلمان آغا کي جديجا هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 24 بالن تي 19 رنز ٺاهيون، ڪلديپ اڳئين بال تي شاهين کي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن رويو ورتو جيڪو ضايع ٿي ويو، ڪلديپ هيٽ ٽرڪ تي هو پر نه ڪري سگهيو، چيمپئنز ٽرافي ۾ اڄ تائين انڊيا جو ڪو به بالر هيٽ ٽرڪ ناهي ڪري سگهيو، گذريل ميچ ۾ روهت شرما ڪيچ ڊراپ ڪري هيٽ ترڪ وڃائي هئي. ان بعد نسيم شاهه آيو جنهن هڪ چوڪو هڻي 16 بالن تي 14 رنز ٺاهيون ته کيس ڪلديپ ڪوهلي هٿان ڪيچ ڪرايو. شامي جي آخري اوور ۾ خوشدل ۽ حارث هڪ هڪ ڇڪو هنيو ۽ اڳئين اوور ۾ حارث رن آئوٽ تي ويو. ان کان اڳ ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته اسان جي ٽيم اڄ جي ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي، ٽيم ۾ هڪ تبديلي آهي، فخر زمان جي جاءِ تي امام الحق کي شامل ڪيو ويو آهي، محمد رضوان چيو ته اهي اسڪور بورڊ تي سٺو اسڪور ٺاهيندا، پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ بابر اعظم، امام الحق، سعود شڪيل، محمد رضوان، آغا سلمان، طيب طاهر، خوشدل شاهه، ابرار احمد، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف شامل آهن.










