وٽامن ڊي ۽ مڇيءَ جو تيل ڪيسنر ۽ دل جي دوري جو علاج

نيويارڪ (ڊيسڪ نيوز) وٽامن ڊي ۽ مڇيءَ جي تيل وارا ڪيپسول روزانو استعمال ڪرڻ سان ڪيسنر ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو گھٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، اها دعويٰ هڪ نئين تحقيق ۾ ڪئي وئي آهي. آمريڪا ۾ 25 هزار کان وڌي ماڻهن تي ٿيندڙ تحقيق دوران رضاڪارن کي 05 سال تائين وٽامن ڊي ۽ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز (مڇيءَ جي تيل جا ڪيپسول) استعمال ڪرايا ويا. ڪجهه رضاڪارن کي صرف وٽامن ڊي ڏني وئي ۽ ڪجهه کي مڇيءَ جي تيل جا ڪيپسول ڏنا ويا. جڏهن ته اڪثر ماڻهن کي ٻئي شيون گڏيل طور تي استعمال ڪرايون ويون ۽ ٿورا ماڻهو اهڙا هئا جن کي اهي ٻئي شيون بلڪل استعمال نه ڪرڻ ڏنيون ويون. نتيجن مان معلوم ٿيو مڇيءَ جو تيل هارٽ اٽيڪ جي خطري کي گھٽائي ڇڏي ٿو. انهيءَ تحقيق جا نتيجا نارٿ آمريڪن مينوپوز سپسائٽيءَ جي سالياني اجلاس ۾ پيش ڪيا ويا جيڪي اڃان تائين ڇپجي نه سگهيا هئا. واضح رهي ته هن کان اڳ ٿيل هڪ تحقيق ۾ اهو پڻ چيو ويو هو ته مڇيءَ جو تيل دل جي دوري ۽ اڌ رنگي بيماريءَ سبب موت جي خطري کي گھٽ ناهي ڪري سگهندو. پر نئين تحقيق بعد نوان فائدا سامهون آيا آهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو