وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب مهانگائي ۾ گهٽتائي ٻئي اڌ تائين جاري رهندي.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته خريف جي فصل جا ابتدائي اندازا حوصلا افزا آهن.اسٽيٽ بئنڪ موجب تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي خطرو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو