وزيراعظم پاران عمرو ادا، ملڪي ترقي لاءِ دعائون

رياض(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جيڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه سعودي عرب پهتو تنهن جو سعودي حڪومت شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو. سعودي ولي عهد جي دعوت تي هو گرين مڊل ايسٽ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ دوري تي ويل آهي. عمران خان پنهنجي وفد ۽ گهرواري سان گڏ عمرو ادا ڪيو ۽ شڪراني جا نفل ادا ڪيا. هن ملڪي ترقي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون.

PRIME MINISTER IMRAN KHAN PERFORMS UMRAH.MAKKAH, SAUDI ARABIA, ON OCTOBER 24, 2021.

پهنجو تبصرو موڪليو