وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ججن کي مليل تحفن جو رڪارڊ طلب

وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ججن کي مليل تحفن جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وزيراعظم، فوجي سربراهن ۽ ججن کي مليل تحفن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان توشه خاني جو گذريل 10 سالن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.نور عالم خان چيو ته ججن ۽ بيوروڪريٽس سميت سمورن ماڻهن کي ڏنل تحفن جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، آڊيٽر جنرل سياستدانن سميت سڀني کي ڏنل تحفن جو رڪارڊ پيش ڪري.چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ نيول چيف پاران مليل تحفن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه چيف جسٽس، ايم اين ايز، سينيٽرن، وڏن وزيرن ۽ گورنرن کي مليل تحفن جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو