ممبئي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن ورلڊ ڪپ ۾ بيٽنگ ۽ بال جي جنگ ۾ وهاب رياض کي فاتح قرار ڏئي ڇڏيو.واضح رهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيو هو، جتي گهٽ اسڪور جي باوجود قومي بالرن آسٽريلوي بيٽسمينن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسڪور جو دفاع ڪيو.ان دوران فاسٽ بالر وهاب رياض جو تباهه ڪندڙ بالنگ اسپيل هو جيڪو گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان اسپيل دوران شين واٽسن وهاب رياض جي سامهون هو. وهاب رياض ميچ ۾ شين واٽسن کي آئوٽ نه ڪري سگهيو پر هن وڪيٽ وٺڻ جو موقعو پيدا ڪيو پر فيلڊر طرفان ڪيچ ڊراپ ڪيو ويو.ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ميچ دوران ڪمنٽري ڪندي شين واٽسن وهاب رياض جي ان اسپيل جو ذڪر ڪيو.ساٿي مبصر جي تبصرن تي شين واٽسن اعتراف ڪيو ته وهاب رياض منهنجي خلاف جنگ کٽي هئي.ياد رهي ته شين واٽسن هن ميچ ۾ 64 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
