ورلڊ ڪپ هارائڻ جو هاڻي ڪو بهانو نه هئڻ گهرجي،عامر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ شڪست جو عذر نه هئڻ گهرجي، ٽيم لاءِ هر قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد عامر چيو ته مان 2019 جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ فٽ محسوس ڪري رهيو آهيان، وڌيڪ فٽنس تي ڪم ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته بالنگ رڳو ڀائيواري ۾ ٿيندي آهي، نسيم ۽ شاهين تمام سٺي بالنگ ڪري رهيا آهن، مان چاهيان ٿو ته نسيم ۽ شاهين جي بالنگ وچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو