ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ موسم جي خرابي سبب ڪو مسئلو ناهي، لڳي ٿو هاڻي برسات نه پوندي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ کان اڳ ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته اسان مسلسل ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون ۽ اسان جو ڌيان ميچ تي آهي، اسان گهڻو سفر به ڪيو، راندين ۾ به ائين ٿيندو آهي، ان جو خيال رکڻ تمام ضروري آهي. ها، اسان کي سفر کان خبر هئي، اسان هتي کيڏڻ مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته جن رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي اهي بهترين آهن، سليڪشن جي معاملي ۾ کين ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه ايندي.بابر اعظم چيو ته اسان جو ڌيان گڏ رهڻ، ميچ کٽڻ ۽ ٽورنامينٽ تي آهي.










