ورلڊ ڪپ: بنگلاديش جي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جاري

پوني(ويب ڊيسڪ)ورلڊ ڪپ جي 43هين ميچ ۾ بنگلاديش جي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جاري آهي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ پوني ۾ کيڏي پئي وڃي جنهن ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي بنگلاديش خلاف پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. هي بنگلاديش جي هن ورلڊ ڪپ ۾ نائين ۽ آخري ميچ آهي، جڏهن ته هي آسٽريليا جي به نائين ميچ آهي، پر آسٽريلوي ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.اڄوڪي ميچ جو ڪو به نتيجو ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل اسٽيج تي اثر انداز نه ٿيندو.پوائنٽس ٽيبل تي آسٽريليا ٽئين ۽ بنگلاديش اٺين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو