پونا (ويب ڊيسڪ) نيڌرلينڊ جي پوري ٽيم 37.2 اوورز ۾ 179 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ انگلينڊ 160 رنز تان ميچ کٽي ورتي. نيڌرلينڊ جو تيجا ندا مانورو 41 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو، اسڪاٽ ايڊورڊ 38 ۽ ويسلي بريسي 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. معين علي ۽ عادل رشيد ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ڊيوڊ ولي 2 وڪيٽون ورتيون. جنهن بعد پوائنٽ ٽيبل تي انگلينڊ مٿي اچي ويو آهي.
England rise up to seventh with a big win and boost their chances of qualification for the 2025 Champions Trophy ????????????????????????????#ENGvNED #CWC23 pic.twitter.com/ASwoLL6Meo
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 8, 2023
ورلڊ ڪپ جي 40هين ميچ ۾ انگلينڊ نيڌرلينڊ کي کٽڻ لاءِ 340 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.پونا ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.انگلينڊ جي جوني بيئرسٽو ۽ ڊيوڊ مولن محتاط انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي پر ستين اوور ۾ 48 رنسون ڏئي 17 رنسون ٺاهي بيئرسٽو آئوٽ ٿي ويو.ٻي وڪيٽ تي ڊيوڊ مولن ۽ جو روٽ ٽيم جي مجموعي اسڪور کي 133 رنسن تائين پهچايو جتي روٽ 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.هتي بين اسٽوڪس وڪيٽ تي آيو پر 139 جي مجموعي اسڪور تي 87 رنسون ٺاهي ڊيوڊ ملان آئوٽ ٿي ويو.بين اسٽوڪس اسڪور کي اڳتي وڌائيندو رهيو پر ٻئي طرف کان وڪيٽون گرڻ جو سلسلو جاري رهيو.هيري بروڪ 11، جوس بٽلر 5، معين علي 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽ بين اسٽوڪس وچ ۾ ستين وڪيٽ لاءِ 113 رنسن جي پارٽنرشپ اننگ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. ووڪس 51 رنسون ٺاهي 321 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.بين اسٽوڪس 84 بالن تي 108 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن ۾ 6 چوڪا ۽ ڪيترائي ڇڪا شامل هئا.انگلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 339 رنسون ٺاهيون.نيڌرلينڊ جي طرفان باس ڊي ليڊي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته آرين دت ۽ لوگن وان بيڪ 2-2 وڪيٽون ورتيون ۽ پال وان ميڪرن هڪ وڪيٽ ورتي.هن ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين ٻنهي ٽيمن 7، 7 ميچون کيڏيون آهن جن ۾ انگلينڊ هڪ ۽ هالينڊ 2 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.پوائنٽس ٽيبل ۾ هالينڊ نائين ۽ انگلينڊ ڏهين (آخري) پوزيشن تي آهي.ياد رهي ته هن ميچ جي فيصلي سان ورلڊ ڪپ ۾ ٻين ٽيمن جي پيش رفت تي ڪو به اثر پوندو يا نه.