احمد آباد(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڊيون ڪانوي ۽ رويندرا جي شاندار سينچرين جي بدولت نيوزيلينڊ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.انگلينڊ طرفان ڏنل 283 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 37 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو. ڊيون ڪنوي 121 بالن تي 152 رنسون ٺاهيون جڏهن ته نوجوان رچن رويندرا 96 بالن تي 123 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ان کان اڳ انگلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ جو روٽ 77 ۽ ڪپتان جوس بٽلر 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي انگلينڊ خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيوي ڪپتان ٽام ليٿم چيو ته وارم اپ ميچ کانپوءِ سٺي تياري ڪئي آهي، ڪيسن وليمسن صحتياب ٿي رهيو آهي، ايندڙ ميچز کيڏندو.
