ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 350 ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 350 ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري رائز ٽو پروگرام تحت ڏني وئي، قرض فراهم ڪرڻ جو مقصد پاڪستاني مالياتي انتظام، پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي لاءِ مقابلي جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ آهي.ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مالي سڌارن جي تڪڙي ضرورت آهي، پاڪستان وٽ چونڊن کانپوءِ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڍانچي مسئلن کي حل ڪرڻ جو موقعو آهي، جيڪڏهن اهو موقعو وڃايو ويو ته پاڪستان ٻيهر معاشي مسئلن ۾ ڦاسڻ جو خدشو آهي.عالمي بئنڪ موجب پروگرام تحت پاڪستان جي مالياتي پاليسي ۾ هم آهنگي ۽ قرضن ۾ شفافيت آڻڻي پوندي، پراپرٽي سيڪٽر ۾ ٽيڪس کي مضبوط ڪرڻ کي منصوبي جو حصو قرار ڏنو ويو آهي.ورلڊ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٽيڪس قانونن تي عملدرآمد جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڊجيٽل ادائيگين جي حوصلا افزائي ٿيندي، درآمدي محصولن ۾ گهٽتائي سان برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين جو چوڻ آهي ته رائز ٽو پروگرام ٽيڪس، توانائي، ڪاروبار ۽ موسمياتي سڌارن جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ٿو جيڪو آمدني وڌائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.ناجي بن حسين جو چوڻ آهي ته رائز ٽو پروگرام خرچ جي هدف کي بهتر بڻائڻ، مقابلي جي صلاحيت، سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، پروگرام پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي بهتر انتظامن ۾ پڻ مدد ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو