لکي غلام شاھ (رپورٽ:نثارمنگي)خيرپور جي شاھ حسين واري علائقي مان ڪار سوار نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل پيءُ ۽ پٽ هندو واپاري پيء نارائڻ داس ۽ پٽ روھيت ڪمار کي تشدد ڪرڻ بعد ھڪ لک روڪ رقم، سونو لاڪيٽ،سوني منڊي ۽ ھڪ موبائل آءِ فون ڦر ڪرڻ بعد سکر لاڙڪاڻو روڊ تي لکي ريلوي فاٽڪ ٽو وٽ کين هٿياربند زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا زخمين کي ڳوٺاڻن تعلقه اسپتال لکي پھچايو جتان ملم پٽي بعد خيرپور روانا ٿي ويا آهن جڏھن ته لکي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.










