وارنرجو ٽيسٽ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان به رٽائرمينٽ جو اعلان

سڊني (ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر به ٽيسٽ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڊيوڊ وارنر پريس ڪانفرنس ڪندي ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته هو پنهنجي فيصلي مان خوش آهي، هو پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ چاهي ٿو.وارنر جو چوڻ آهي ته هو ٽي 20 فارميٽ ۾ آسٽريليا لاءِ دستياب هوندو. واضح رهي ته ڊيوڊ وارنر پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ پاڪستان خلاف سڊني ۾ کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو