هڪ ڏينهن ۾ بينڪن کان 23 ارب رپيا ونڊ فال ٽيڪس وصول

هڪ ڏينهن ۾ بينڪن کان 23 ارب رپيا ونڊ فال ٽيڪس وصول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فيڊرل بيورو آف روينيو (ايف بي آر) 21 فيبروري تي هڪ ئي ڏينهن ۾ 16 وڏين بينڪن کان 23 ارب رپيا ونڊ فال ٽيڪس گڏ ڪيو، رپورٽ موجب 2021ع ۽ 2023ع جي وچ ۾ رپئي جي غيرمعمولي قدر ۾ گهٽتائي پرڏيهي مٽا سٽا جي مصنوعي طلب پيدا ڪئي، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ وچ ۾ وڌندڙ فرق جو فائدو وٺندي بئنڪن اربين رپين جو منافعو ڪمايو.هن هفتي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ حڪومت جي حق ۾ فيصلو ڏنو، ونڊ فال ٽيڪس خلاف مالي شعبي جي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.ونڊ فال ٽيڪس حڪومت کي معاشي بي ضابطگين جي ڪري غير متوقع طور تي رقم کان وڌيڪ ڪمائيندڙ منافعي تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.باخبر ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ هي وڏو ٽيڪس وصولي آپريشن ٽيم ورڪ جو نتيجو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر سرگرم ڪردار ادا ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته 26 هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سڀني هاءِ ڪورٽن ۾ آئيني بينچن جي قيام سان ٽيڪس معاملن سان لاڳاپيل ڪيسن جي رفتار تيز ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو