دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ هڪ ٻي حوا جي نياڻي سان درندگي جو واقعو ، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهباز ڪالوني جي رهواسي 14 سالن جي (ش س)کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو متاثرہ نياڻي کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو جتي ليڊي ڊاڪٽرن پاران زيادتي جي تصديق ڪئي وئي زيادتي جو شڪار نياڻي سول اسپتال دادو ۾ زيري علاج آهي ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ جي سخت ھدايتن تي اي سيڪشن پوليس ملوث جوابدار گل محمد عرف جاويد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن جي خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي متاثر نياڻي جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.










