فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: فيلڊ مارشل

فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون هر خطري جي خلاف مڪمل طور تي تيار آهن.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بهاولپور گيريزن جي دوري دوران اهو چيو، ان موقعي تي کيس آپريشنل، تربيتي ۽ انتظامي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.فيلڊ مارشل خيرپور ٽاميوالي ۾ جنگي مشقن جو مشاهدو ڪيو ۽ جديد ڊرونز، اليڪٽرانڪ جنگ ۽ نگراني ٽيڪنالاجي جو عملي مظاهرو ڏٺو.آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ مارشل روهي اي-اسڪلز لرننگ هب جو افتتاح ڪندي ڊجيٽل تعليم جي فروغ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته اي پي ايس عباسيه ڪيمپس جو افتتاح ڪندي معياري تعليم جي عزم کي ورجايو ويو.آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل اي ايم اي ريجنل ورڪشاپ جو دورو ڪيو جتي کيس جديد پليٽ فارمن جي سار سنڀال بابت بريفنگ ڏني وئي.فيلڊ مارشل عاصم منير شهيدن جي يادگار جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو